ڪراچي ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات،صوبي جي ٻين شهرن ۾ ڇنڇر تائين برسات جو امڪان

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ، ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ، ڊفينس ، محمود آباد ، منظور ڪالوني ، شاهراه فيصل ، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي،

صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي برساتن جي اڳڪٿي جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو آهي،

پڌرائي  موجب سنڌ جي بدين،  ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور ۽ سکر ۾ 25 سيپٽمبر تائين برساتن جي موسميات کاتي پاران ڪيل اڳڪٿي سبب ضلعي انتظاميه الرٽ رهي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔