جن کي نوٽيس مليا اهي موبائل چيڪ ڪرائن، سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏيڻو آهي: ڊي جي ايف آءِ اي

اسلام آباد: پ پي جي صوبائي وزيرن ۽ ميمرن کي ايف آءِ اي پاران نوٽيس ملڻ تي قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ استحقاق ڪميٽي جو قاسم نون جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ ناز بلوچ چيو ته اسان کي هڪ نوٽيس مليو ۽ چيو ويو ته اوهان سائبرڪرائيم ونگ جي سامهون پيش ٿيو. ناز بلوچ چيو ته اسان واٽس ايپ آن ٿا ڪيون ڪيترائي ميسيج اچي ٿا وڃن، شهلا رضا، ناصر شاهه ۽ سعيدغني کي به نوٽيس جاري ٿيا آهن. ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي چيو ته ضروري نه آهي ته جن کي نوٽيس جاري ٿيو اهي ڏوهي هجن، ايف آءِ اي جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي. ناز بلوچ چيو ته هڪ ڪارڪن ڪراچي ۾ تقرير ڪئي جيڪا غلط آهي، پارٽي ان شخص کي ڪڍي ڇڏيو، هاڻي ان شخص سان اسان جو ڪو به ذاتي واسطو ناهي، اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو ميسيج مليو، هي هراسمينٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔