سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، گرمي جو زور ٽُٽي ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرمي جو زورٽٽي ويو، ٺٽي، نوري آباد، پيرو لاشاري ۽ ٽنڊي غلام حيدر سميت ٻين علائقن ۾ برسات پئي. ڪراچي ۾ موسم خوشوار بڻيل آھي، ڪنھن بھ وقت برسات پئي سگھي ٿي. موسميات کاتي پاران سڀاڻي کان لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ تيز برسات جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ پڻ اڄ تيز برسات جو امڪان آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔