نيب جو نواز شريف جون ملڪيتون کپائڻ جو حڪم، ڊي سيز کي خط

ڪراچي: قومي احتساب بيورو (نيب) سپريم ڪورٽ طرفان نااهل قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف جون ملڪيتون فوري طور تي کپائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڊي سيز کي خط لکيا ويا آهن. نيب لاهور جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرون ڪنهن اڳوڻي وزيراعظم کان ڏنڊ وصولي تي عملدرآمد ڪرايو پيو وڃي. نيب پاران جاري ڪيل خطن ۾ چيو ويو آهي ته ايون فيلڊ اپارٽمنٽس ڪيس ۾ نواز شريف کان 8 ملين پائونڊ جي برآمدگي لاءِ ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو آهي، هن ڪيس ۾ نواز کي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. جڏهن ته شرفڪ جوابدار مريم نواز کي 7 سال قيد، 2 ملين پائونڊ ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، نواز شريف تي ڏنڊ جي رقم هڪ ارب 85 ڪروڙو روپين جي برابر آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرز کي نواز شريف جي وڪرو ٿيڻ وارين ملڪيتن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو، نواز شريف جي نالي موجود ملڪيتن ۾ موضع مانڪ ۾ 940 ڪئنال زرعي زمين، موضع بڌوڪي ثاهني 299 ڪئنال، موضع مل 103 ڪئنال ۽ موضع سلطان ۾ 312 ڪئنال زمين شامل آهي. موضع منڊيالي شيخوپوره ۾ 14 ڪئنال زرعي زمين ۽ اپر مال لاهور ۾ قيمتي رهائشي بنگلو نمبر 135 براءِ فروخت پراپرٽي شامل آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فروخت ٿيل جائيدادن مان حاصل ٿيندڙ رقم ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ استعمال ٿيندي، ڏنڊ جي مڪمل رقم ريڪور نه ٿيڻ جي صورت ۾ جوابدار جا وڌيڪ اثاثا تلاش ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔