پاڪستان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري رهيو آهي: ذبيح الله مجاھد

افغانستان جي نائب سڌ سماءَ واري وزير ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ عمران خان جون ڪوششن ساراهه جوڳيون آهن. ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي مداخلت قبول ناهي پر سهڪار جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي اندروني مامرن ۾ مداخلت نه پيو ڪري، امارت اسلاميه، پاڪستان، قطر، چين ۽ ٻين ملڪن کي خير خواهه سمجهي ٿو. هن چيو ته افغانستا ۾ گڏيل بهتر حڪومت جي طرف وڌي رهيا آهيون، انجنيئر نجيب الله کي اٽامڪ انرجي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح نذر محمد مطمئن کي نيشنل اولمپڪ ڪميٽي جو وقتي سربراهه، ڊاڪٽر قلندر عباد کي وقتي صحت وارو وزير ۽ عبدالقيوم ذاڪر کي دفاع وارو نائب وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ذبيح الله مجاد چيو ته پنجشير ۾ نور الدين عزيزي کي افغانستان جو وقتي ڪامرس منسٽر ۽ بغلان جي بزنس مين کي محمد بشير کي ڊپٽي منسٽر آف ڪامرس مقرر ڪيو ويو آهي، هي مقرريون امارت اسلاميه جي ڍانچي کي وڌيو مضبوط ۽ معياري بڻائينديون. هن چيو ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان اسان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، هي هڪ طرفو فيصلو آهي، تنقيد ڪرڻ وارن لاءِ بهت ٿيندو ته هو اسان سان ذميواراڻي طور ورتاءُ ڪن. ذبيح الله مجاد پريس ڪانفرنس دوران عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغان عوام جي ويجهو داعش جا خيال نفرت وارا آهن، ماضي ۾ داعش جي خلاف اسان جون ڪارروايون موثر رهيون، اسان ڄاڻون ٿا ته داعش کي ڪهڙي طرح ناڪام بڻائڻو آهي. هن افغانستان جي صوبي ننگر هار ۽ ان جي گادي واري شهر جلال آباد ۾ دهشتگردي جي هاڻوڪن واقعن جي سخت مذمت قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي کي جلد قابو ۾ آڻينداسين ۽ ٻن ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تمام جلد ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت ڏينداسين، طريقيڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئين ڇوڪريون پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪري سگهن. هن چيو ته القاعده جون ڌمڪيون بي بنياد آهن، ڪابل ايئرپورٽ تي هيلي ڪاپٽرز کي آمريڪين تباهه ڪيو، افغان فضائيه کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪابل ايئرپورٽ جو مرڪزي ريڊار تباهه آهي، جنهن جو مرمتي ڪم کانپوءِ بين الاقوامي اڏام ٻيهر شروع ڪنداسين. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جي ڪابل دوري سان صحت جي شعبي ۾ اميد جاڳي آهي، اهڙي طرح افغانستان جا اثاثا غير منجمند جي حل جي اميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔