پاڪستان کي افغانستان جي اندروني سياست ۽ مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي:مريم نواز

اسلام آباد: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ پاڪستان کي افغانستان جي اندروني سياست ۽ مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري سان گڏجي افغان شهرين جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز طرفان چوڌري نثار ۽ پيپلز پارٽي بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي، مريم نواز چيو آھي تھ پاڪستان کي افغان عوام جا فيصلا مڃڻ گهرجن، مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ رڳو پنجاب نه پر سڄي ملڪ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪمران ڪيستائين مخالفن کي نااهل ڪرائيندا ۽ فائول پلي ڪندا رهندا، پي ٽي آءِ حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن، انتقام جي سياسي گهڻو عرصو نه هلندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔