ڪورونا جي چوٿين لهر زور وٺڻ لڳي، 120 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 120 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 25 هزار 535 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 48 هزار 572 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ  آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 191 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 3 لک 88 هزار 296، سنڌ ۾ 4 لک 28 هزار 254، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 60 هزار 88، بلوچستان ۾ 32 هزار 111، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 835، اسلام آباد ۾ 98 هزار 339 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 31 هزار 649 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 75 لک 85 هزار 23 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 306 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 29 هزار 930 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 596 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 120 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 25 هزار 535 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 759، سنڌ ۾ 6 هزار 803، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 909، اسلام آباد ۾ 861، بلوچستان ۾ 338، گلگت بلتستان ۾ 172 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 693 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔