ڪراچي فيڪٽري باهه واقعو: بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 3 ملازم معطل

ڪراچي: ڪورنگي ۾ مهراڻ ٽائون فيڪٽري واقعي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 3 ملازم معطل ڪيا ويا آهن. ملازمن کي غير قانوني فيڪٽري بابت ڄاڻ نه ڏيڻ تي معطل ڪيو ويو.

معطل ڪيل ملازمن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ، سينئر بلڊنگ انسپيڪٽر ۽ بلڊنگ انسپيڪٽر ڪورنگي شامل آهن. فيڪٽري حادثي ۾ بي سي اي ملازمن جي ڪردار جو تعين ڪرڻ لاءِ 3 سينيئر ڊائريڪٽرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.

ڪميٽي منظور ٿيل بلڊنگ پلان ۽ بلڊنگ جو معائنو ڪندي ۽ ڏوهارين جو تعين ڪندي ۽  7 ڏينهن ۾ انڪوائري رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل کي پيش ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔