ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. زين العابدين انصاري کي ڊي سي ويسٽ مقرر ڪري اتان شهريار گل آفريدي کي بدلي ڪيو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل سليم الله اوڍو کي ڊي سي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڊي سي ڪورنگي محمد بخش عرف راجا ڌاريجو کي بدلي ڪري تعليم کاتي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔