ايم پي اي سيد صالح محمد شاھ جي ڀاءُ احمد شاھ جيلاني جا گرفتاري وارنٽ جاري

دادو: دادو جي عدالت پ پ ايم پي اي سيد صالح محمد شاھ جي ڀاءُ احمد شاھ جيلاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. سول جج دادو جي عدالت ۾ فراڊ جي ڪيس ۾ حاضرين دوران عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي احمد شاھ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. پ پ ايم پي اي جي ڀاء احمد شاھ پاران علي گوهر شاهاڻي کي 29 لک روپين جو چيڪ ڏنو هو جيڪو ڪيش نه ٿيڻ تي علي گوهر شاهاڻي دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اهڙي ايف آء آر داخل ڪرائي هئي. علي گوهر شاهاڻي ايف آء آر ۾ ڄاڻايو هو ته جوهي جي ضمني چونڊ دوران احمد شاھ کائنس اليڪشن خرچ لاء 29 لک اڌرا ورتا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔