افغانستان ۾ طالبان طرفان گھر گھر وڃي شھرين کي ڊيوٽي تي وڃڻ جي ھدايت

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان طرفان شھرين کي ڊيوٽي تي وڃڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، رائٽرز لکيو آھي تھ ڪابل تي ڪنٽرول بعد افغان طالبان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، جنھن بعد ھاڻ طالبان گھر گھر وڃي غير يقيني صورتحال سبب پريشان شھرين کي پنھنجي پنھنجي ڪمن تي وڃڻ جي ھدايت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. رائٽرز موجب ھرات جي علائقي جي عورت ٻڌيو تھ ھُن جي گھر ٽي ھٿياربند طالبان ويڙھاڪ آيا ۽ ھُن کان ذاتي معلومات ورتي جنھن ۾ ان جي ملازمت، ادارو ۽ پگھار جي باري ۾ پڇيو ويو، جنھن بعد مون کي ڊيوٽي تي وڃڻ جي ھدايت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔