افغانستان مامري تي برطانوي پارليامينٽ جو هنگامي اجلاس، ميمبرز بورس جانسن تي ڪڙڪي پيا

لنڊن:افغانستان جي مسئلي تي برطانوي پارليامينٽ جي هنگامي اجلاس ۾ ميمبرز پاران وزيراعظم بورس جانسن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.برطانوي پارليامينٽ ۾ افغانستان جي صورتحال تي ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ اپوزيشن سان گڏو گڏ حڪمران ميمبرز به بورس جانسن تي ڪڙڪي جي پيا.اپوزيشن ليڊر ڪيئر اسٽارمر چيو ته حڪومت فوجين جي واپسي جي منصوبه بندي ۾ ناڪام رهي، افغان پناهه گيرن کي برطانيه ۾ آڻي رهائڻ جي لاءِ 20 هزار جو هدف تمام گهٽ آهي.اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٿريزامي چيو ته طالبان بابت ڇا اسان جي انٽيلي جنس واقعي ايتري ڪمزور هئي،؟ يا اسان سوچيو ته بس آمريڪا جي پٺيان هلندا رهو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. وزيراعظم بورس جانسن چيو ته طالبان بابت فيصلو هنن جون ڳالهيون نه پر هنن طرز عمل ڏسي ڪيو ويندو، افغانستان ۾ نيٽو جو اهم مشن ڪامياب رهيو ۽ وڏي حد تائين القاعده جي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔