وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس جاري

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس جاري آهي.

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ افغانستان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ڪابينه اجلاس جو 17 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اهم شخصيتن کي سيڪيورٽي پروٽوڪول جي باري ۾ گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏيندو. 

اجلاس ۾ ڪابينه کي پاڪستان پوسٽ جي ليز پاليسي جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويندي. انٽليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي ڊي جي جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ هائوسنگ واري وزارت جي 104 ايڪڙ زمين جو معاملو به بحث هيٺ ايندو. جڏهن ته ٻيا معاملا به ايجنڊا ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔