ڪرڪيٽ تي ڀارتي سياست جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي: پاڪستان

ڪراچي: پاڪستان ڀارت طرفان ڪشمير پريميئر ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن کي روڪڻ وارو معاملو عالمي سطح تي اُٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ تي ڀارت جي سياست جِي جيتري مذمت ڪجي اُها گهٽ آهي، ڪشميري نوجوانن کي ڊريسنگ روم ۾ وڏن ڪرڪيٽرن سان گڏ ويهڻ کان محروم ڪرڻ افسوسناڪ آهي، ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اهو پهريون موقعو ناهي جو مودي حڪومت ڪرڪيٽ کي سياست جي ور چاڙهيو هجي، ڀارت جو هرشل گبز سوڌو پرڏيهي رانديگرن کي ڪشمير ليگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ پراڻي روايت جو حصو آهي، ڀارت جي اهڙي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو آهي ته ڪشمير جي جدوجهد کي اهڙن قدمن سان نقصان نه پر فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔