ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ فوج کان مدد وٺي سگهجي ٿي:فيصل سلطان

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج کان مدد وٺي سگهجي ٿي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ويڪسين ڪووڊ سان مقابلي جي بهترين اسٽريٽجي آهي، پابنديون، ماسڪ پنهنجي جڳهه تي ويڪسين ضروري آهي، هن چيو آهي ته ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، موجوده قدم ۽ ڪورونا پابندين تي عملدرآمد ضروري آهي، هن چيو آهي ته ملڪ ۾ ويڪسين جي وافر مقدار موجود آهي، ويڪسين لڳرائي سياحت تي وڃي سگهجي ٿو، ان ڪري عيد جون موڪلين ۾ سياحت جي لاءِ ويڪسينيشين جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي، انهن ماڻهن کي سياحت جي اجازت هوندي جن ويڪسين لڳرائي هجي، هن چيو آهي ته شهرين جي لاپرواهي جي ڪري مثبت ڪيسز وڌيا، 2 کان 4 سيڪڙو اضافو ٿي ويو، ايلفا قسم کانپوءِ نئين ڊيلٽا قسم جي به نشاندهي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔