سينئر ايراني اختيارين يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو: ڪينيڊا جي حتمي رپورٽ

اوٽاوا: ڪينيڊا ايران ۾ يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ واري معاملي جي حتمي رپورٽ تيار ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا جي موجب يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ واري معاملي تي ڪينيڊا طرفان تيار ڪيل حتمي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهاز کي ڪيرائڻ جو فيصلو سينيئر ايراني اختيارين طرفان ڪيو ويو.
ڪينيڊين فرانزڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران جهاز جي معاملي تي ڪجهه خدشن کي به نظرانداز ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايراني حڪومت جهاز ڪيرائڻ واري معاملي تي مناسب وضاحت ڏيڻ ۾ ناڪام رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔