سلمان خان صفا ناهي وڻندو: ڪرينا ڪپور

ممبئي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪرينا ڪپور سپر اسٽار سلمان خان کي خراب اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
بالي ووڊ سلطان سلمان خان جا ڀارت سوڌو سڄي دنيا ۾ ڪروڙين مداح موجود آهن پر ان سان گڏ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا ڪرينا ڪپور کيس سٺو اداڪار نٿي مڃي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته مان سلمان خان جي مداح ناهيان، مان ته ان کي پسند ئي ناهيان ڪندي، هو هڪ سٺو اداڪار ناهي، سلمان خان تمام خراب اداڪار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ خان اهڙو اداڪار آهي، جنهن تي هر ڇوڪري مرندي آهي، مون کي شاهه رخ خان ڏاڍو پسند آهي، ان جي تعريف شروع ڪيان ته ڪلاڪ لڳي ويندا.
واضح رهي ته ڪرينا ڪپور سلمان خان سان ”باڊي گارڊ، بجرنگي ڀائي جان، ڪيون ڪي، مين اور مسز کنا“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔