پيران پير دستگير کان دعا آهي ته پ پ مان جان ڇڏائي: نند ڪمار گوڪلاڻي

ڪراچي: جي ڊي جي جي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته پيران پير دستگير کان دعا آهي ته سنڌ تي قبضو ڪري ويٺل پ پ حڪومت کان جان ڇڏائي، جيڪڏهن بي نظير ڀٽو زنده هجي ها ته اسان سان اهڙو حشر نه ٿئي ها، ڇا اسان بنگالي آهيون جو اسان کي ترقياتي اسڪيمون نه ڏنيون ويون آهن؟ هن چيو ته سانگهڙ سول اسپتال ۾ سهولتون نه آهن، اين آئي سي وي ڊي نه ٿي ڏني وڃي، 100 ڪاٽن فيڪٽرين واري ضلعي۾ پاڻي ۽ ايمبولينس نه آهي، هندن سان جيڪا حالت آهي،نياڻيون ڪنهن مهل کنڀيون وڃن خبر ناهي، خوف ۾ ورتل آهيون، ڇا اسان سنڌ ڄاوا هندو نه آهيون؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔