هوائي فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: ظهير احمد بابر

ڪراچي: هوائي فوج جي سربراهه ايئر مارشل ظهير احمد بابر چيو آهي ته پاڪ فضائيه ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، ترجمان هوائي فوج موجب ايئر مارشل ظهير احمد بابر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ۽ ڪورس جي مهانن کي خطاب ڪيو، ايئر چيف نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ تعليم ۽ تربيت جي معار جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستاني هٿيار بند فوج جي جنگي صلاحتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو، ايئر چيف مارشل جو چوڻ هو ته اسان جي هٿياربند فوج ملڪي سالميت ۽ قومي خود مختياري جي دفاع جي لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔