حيسڪو پاران ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 551 ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

حيدرآباد:حيسڪوبورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري بعد ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 551 ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ 18 جون تي حيسڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميٽنگ دوران منظوري ڏني وئي هئي. حيسڪو ترجمان موجب ڊيلي ويجز ملازم مستقل ٿيڻ بعد حيسڪو تي پگهارن ۽ ٻي مد ۾ 3 ڪروڙ 39 لک رپيا خرچ وڌندو. پارٽ ٽائيم ملازمت ڪندڙ 42 ملازمن جي پگهار 8 هزار مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب حيسڪو جي ٽيڪنيڪل عملي کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 12 گاڏيون خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد ڪيتري ئي عرصي کان ڊيلي ويجز تي ملازمت ڪندڙ ملازمن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔