اسلام آباد: سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پ پ ۽ سنڌ سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پنهنجي پوليس ئي ناهي، 1990 کان سنڌ رينجرز اتي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت ۾ صلاحيت ئي نه آهي ته پنهنجي پوليس ٺاهي سگهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جيترا پيسا سنڌ حڪومت کي ڏنا وياان سان ته شهر کي پيرس هجڻ گهرجي ها، سنڌ سرڪار کي ڏنل پيسا لنڊن يا ٻين ملڪن ڏانهن ويندا آهن، ٻن سالن 16 سئو کان 17 سئو ارب سنڌ کي صرف اين ايف سي مان ڏنا ويا، گرانتش جي مد ۾ الڳ رقم ڏني وئي، سنڌ حڪومت ڪيو ڇا آهي، هي پيسا ڪاڏي ويا، هي پيسا لنڊن، ڪينيڊا، آمريڪا، پيرس ۽ دبئي هليا ويا، ٻه خاندان آهن، هڪ هتان کان ٻيو سنڌ کان پيسا ٻاهر موڪلي ٿو. فواد چوڌري چيو آهي ته هي چون ٿا ته عوام جا کيسا خالي آهن ۽ ڪاروبار نه آهي، ٻڌايو وڃي مفتاح اسماعيل جي فيڪٽري اربين رپيا ڪيئن ڪمايا، اپوزيشن کي خبر ئي ناهي ته هنن جو ليڊر ڪير آهي، ڪڏهن نواز شريف، ڪڏهن مولانا فضل الرحمان وٽ ويندا آهن، هي وکريل گروه آهي، عمران خان اچي ملڪي معيشت کي هڪ سهارو ڏنو، ڪورونا ۾ اسان حفاظتي سامان پاڻ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي رهي آهي، اپوزيشن جي رفتار گهٽجي رڪجي وئي، اپوزيشن جي ڪا به ليڊر شپ نه آهي، اپوزيشن هڪ منصوبي تحت ايندڙ اليڪشن کي ڌنڌلي زده قرار ڏئي رهي آهي، هنن کي خبر پئجي وئي ته ايندڙ 5 سالن ۾ به عمران خان هوندو.