ملتان اسلام آباد کي هارائي پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهچي وئي

ابو ظهبي : ملتان سلطانز جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ابو ظهبي ۾ ملتان طرفان مليل 181 رنسن جي هدف جي جواب ۾ اسلام آباد جي ٽيم 19 اوورن ۾ 149 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
اسلام آباد طرفان عثمان خواجا 70 رنسن جي اننگز کيڏي پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
ان کان اڳ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون.
ملتان طرفان صهيب مقصود 59 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته خوشدل شاهه 42 ۽ جانسن چارلس 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔