سؤ کان وڌيڪ ڌاڙيل پڪڙايا، فوجي آپريشن ٿيڻ گهرجي: تيغو تيغاڻي

شڪارپور: سردار تيغو خان تيغاڻي چيو آھي تھ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪري سگهجي ٿو، آزاد سياستدان آهيان، پوءِ به سدائين پيپلز پارٽي جي مدد ڪئي،ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جا سياستدان مونکي سياسي ميدان تان هٽائڻ گهرن ٿا، ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ گرفتار تيغو خان تيغاڻي شڪارپور جي عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اي ايس پي فاضل شاهه سرڪاري ڌُر بڻجي ويو آهي، پوليس اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ٿي، 3 هفتا گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان پيش ناهي ٿي سگهيو، عدالت مان انصاف جي اُميد آهي، ھي جيڪو ڪجھ ٿيو آھي سياسي بنيادن تي ٿيو آھي، 100 کان وڌيڪ ڏوھاري پڪڙائي پوليس حوالي ڪرايا آھن، جيڪا بھ صورتحال ھلي پئي ان کي منھن ڏئي رھيو آھيان ۽ ڏيندو رھندس، پوليس ڪيس ڪمزور ٺاھي ٿي ان ڪري ڏوھاري آزاد ٿي وڃن ٿا، ڪچي ۾ ھاڻ فوجي آپريشن ٿيڻ گھرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔