ڪراچي: جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ 14 ڏينهن جيل حوالي

ڪراچي: ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون جي والار خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪيل جسقم جي مرڪزي اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ کي 14 ڏينھن جي عدالت ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس جسقم اڳواڻ کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪري وڌيڪ ريمانڊ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي قومپرست اڳواڻ کي 14 ڏينهن جي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو، جڏھن تھ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو آهي ته لڳي اهو ٿو ته سنڌ حڪومت ملڪ رياض جي ونگار وهي رهي آهي، سمجهه ۾ نٿي اچي تي جنهن صرف بينر ڇاپيو ته بحرين ٽائون نا منظور ، ان کي به دهشتگرد بڻايو ويو آهي، ملڪ رياض سنڌ حڪومت کي ايڏو عزيز آهي جو بحريه ٽائون نا منظور ٿو چوي ته اهو به دهشگرد آهي، اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو بهترين پروگرام هو، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ هئا، اسان جو پروگرام صوفياڻو ڪلام ۽ ٽيبلو ها پر ملڪ رياض جي واٺن دهشتگردي ڪرائي اسان مٿان ڪيس ڪرايا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔