سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 14 جون کان اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي

ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 14 جون کان ڪراچي رسجٽري ۾ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو. شهر مان حددخلين جي خاتمي بابت وڏي وزير جي رپورٽ تي ٻڌڻي ٿيندي. ايڊووڪيٽ اٽارني جنرل ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ، ڪي ڊي اي ، ڪي ايم سي ، رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. گجر نالي تي حددخلين جي حوالي سان شهري فائونڊيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ويندي. سرڪلر ريلوي جي زمين تي قبضن بابت به ٻڌڻي ٿيندي. ڊفينس جي رهواسي کي پاڻي جي فراهمي ۽ سي بريز پلازا بابت پڻ ٻڌڻي ٿي. ڪيسن جي ٻڌڻي 14 جون تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪندي، بينچ جي ٻين ججن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔