خضدار ۾ مسافر ڪوچ اونڌي ٿيڻ سبب دادو واسي 20 ڄڻا فوت

دادو: خضدار ۾ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دادو واسي ويهه ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. مسافر ڪوچ وڊهه کان دادو وڃي رهي هئي ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ کهوڙي واري هنڌ حادثو پيش آيو.

حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ ليويز اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع  ڪري ڏنيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي. ته دادو جا زائرين 3 ڏينهن اڳ بلوچستان جي درگاهه ڪاڪا هير جي سالياني عرس مبارڪ تي ويا هئا. زائرين واپس دادو اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. حادثي ۾ دادو شهر جي سومرا ڪالوني، مرکپور، جوهي جي ڇندڻ موري، ڇنڊڻ ڀرسان گاڏهي ڳوٺ جا رهواسي شامل آهن. خضدار حادثي ۾ جوهي واسي پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.

ڳوٺ خان محمد گاڏهي واسي پنج ڄڻن ۾ حافظ اسد گاڏهي، هاشم گاڏهي، پريل گاڏهي، آصف علي گاڏهي ۽ نظام گاڏهي فوت ٿي ويا آهن. حادثي جي زخمين ۽ لاشن کي ٽيچنگ اسپتال خصدار منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي.

حادثي ۾ زخمي ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔