سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 628 ڪيس ظاهر، 19 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13972 ڪورونا جا نمونا چڪاس ڪيا ويا جن مان 628 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ 19 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 5،183 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 574 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 296821 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت 23717 مريض علاج هيٺ آهن. 725 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 69 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔