عزير بلوچ خلاف ڪيس: شاهدن کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ وار اڳواڻ عزير بلوچ ۽ ٻين جي خلاف 10 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عزير بلوچ کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پراسيڪيوشن طرفان ست شاهد عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، ستن ئي شاهدن عزير بلوچ کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو. عزير بلوچ ۽ ٻين تي قتل، بارودي مواد رکڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل آهن. جوابدارن مٿان ڪلا ڪوٽ ، نيپيئر پوليس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔