جلال محمود شاه، زين شاهه ۽ ٻين جي به ضمانت ڪرائي ويندي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

حيدرآباد: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي بعد جلال محمود شاه, زين شاه, سجاد احمد چانڊيو ۽ ٻين جي به ضمانت ڪرائي ويندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن روشن ٻرڙو, ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي, نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بحريا ٽائون آڏو پرامن احتجاج کي پ پ سرڪار سنڌ پوليس معرفت پرتشدد بڻايو، هيستائين قومپرستن اڳواڻن خلاف 4 دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر ٻاهران ٻه ڏينهن پوليس جو ڪڙو چڙهيل رهيو، صنعان خان قريشي کي گهران کنڀي گم ڪيو ويو آهي، 150 ڪارڪن گرفتار آهن. هنن چيو ته سڀاڻي سنڌ ايڪشن ڪميٽي صنعان خان ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري توڙي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پرامن احتجاج ڪندي ۽ سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز توڙي تعلقن ۽ شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔