وفاقي ڪابينا پاران طارق ملڪ کي وري نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي مان تنگ ٿي ويو آهي، نواز ليگ به جي ٽي روڊ تائين محدود ٿي وئي، پيپلز پارٽي وارا سمجهن ٿا پنجاب خلاف ڳالهائڻ سان سنڌ ۾ ووٽ وٺي ويندا، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد چيو آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي پنهنجي سياست تي سوچڻ گهرجي، حڪومت ٻنهي پارٽيز سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر عدالتي ڪارروائين تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، وفاقي ڪابينا طارق ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي ترانو جديد ٽيڪنالوجي تحت رڪارڊ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔