خورشيد شاهه سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  عدالت خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي. خورشيد شاهه بارڊر شپ ۽ ٽرائل ۾ دير جي بنياد تي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندي. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ نيب کي لاڳيتو ٽئين ڏينهن به ڇنڊ پٽي.

جسٽس سردار طارق چيو ته نيب موجب جاچ جاري آهي ۽ ضمني ريفرنس ايندو. ڇا جاچ آفيسر کي خبر آهي ته ضمني ريفرنس جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. ضمني ريفرنس جلد داخل ٿي ويندو. جسٽس سردار طارق ريمارڪس ڏنا ته ضمني ريفرنس جو مطلب آهي فرد جرم ٻيهر لاڳو ٿيندي ان جي نتيجي ۾ نئين سري سان ٽرائل ٿيندو.

ٻن سالن کان پوءِ نئين سري سان ٽرائل جو مطلب آهي بارڊر شپ تي تي ضمانت پڪي، لڳي ٿو ته نيب جوابدارن جي ملي ڀڳت سان سڀ ڪجهه ڪندو آهي نيب جي ان قدمن جو مقصد جوابدارن کي فائدو پهچائڻ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔