سنڌ حڪومت قانون کاتي جي سيڪريٽري کي هٽائي ڇڏيو

ڪراڇي: سنڌ حڪومت قانون کاتي جي سيڪريٽري 20هين گريڊ جي آفيسر منصور عباس رضوي کي هٽائي ڇڏيو. هٽايل ڪاموري کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. قانون کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري 20هين گريڊ جي علي احمد بلوچ کي نئون سيڪريٽري قانون مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد سروسز کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔