سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 910 ڪيس ظاهر، 16 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 910 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 4936 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ وڌيڪ 814 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت هن وقت تائين وبا مان 282410 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت 23194 مريضن جو علاج جاري آهي. گهرن ۾ 22229 ، آئسوليشن سينٽرن ۾ ۾ 22 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 943 مريض موجود آهن، جن مان 897 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 68 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔