ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 88 ماڻهو فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 88 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 177 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس جا 4 هزار 7 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب متاثرن جو مجموعي انگ 8 لک 97 هزار 468 ٿي ويو، جڏهن ته ڪورونا جا 8 لک 13 هزار 855 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، اين سي او سي موجب هيل تائين مجموعي طور تي 11 لک 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس وئڪسين لڳائي وئي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔