سنڌ ۾ حفاظتي ٽُڪن جي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي صوبي جي سمورن حفاظتي ٽُڪن جي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊائڪريٽر جنرل هيلٿ سمورن ضلعن جي صحت آفيسرن ۽ ايم ايس کي اختيار ڏنا آهن ته هر ضلعي جي حفاظتي ٽُڪن جي مرڪزن مان ڪورونا ويڪسين به هڻائي سگهجي ٿي، سمورن ضلعي جي صحت آفيسرن جي آفيسن ۾ ڪنٽرول بڻايا ويندا ۽ خانگي اسپتالن ۾ به ويڪسينيشن سينٽر بڻيا وڃن. ڊي جي هيلٿ ويڪسين جي ڪولڊ چين مينجمنٽ کي لازمي برقرار رکڻ جي لاءِ بندوبست ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا آهن، ان کان سواءِ سمورن مرڪزن ۾ بجلي ۽ ٽيليفون جا بندوست ڪرڻ جو به چيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔