سپريم ڪورٽ آڪسيجن سلينڊرز جا اگهه طئه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آڪسيجن سلينڊرز جا اگهه طئه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صنعت ۽ پيداوار جي وزارت کي ٻن ڏينهن ۾ آڪسيجن سلينڊر جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته آڪسيجن سلينڊرز جا اگه مقرر ڪرڻ بابت طريقيڪار به واضح ڪيو وڃي، ڪورونا بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ اٽڪل 4 ڏهاڪا پُراڻو آهي، پلانٽ کي فعال ڪرڻ تي هڪ ارب رُپيا خرچ ٿيندو، عدالت اڏو آڪسيجن جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ويندي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جي پلانٽ مان وڏي مقدار ۾ آڪسيجن ملي سگهي ٿي، پلانٽ کي فعال ڪري سگهجي ٿو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔