ٽوئيٽر ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو

ممبئي: ميڊيا رپورٽس موجب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪنگنا جو ٽوئيٽر اڪائونٽ مودي جي ڪورونا جي حوالي سان پاليسين تي سخت تنقيد جي نتيجي ۾ معطل ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن به اداڪاره ڀارت ۾ مصنوعي آڪسيجن پلانٽس هڻائڻ تي پڻ تنقيد ڪئي هئي.
گذريل هفتي مودي سرڪار سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئيٽر کي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جيڪي اڪائونٽس ڪورونا جي سنگين صورتحال سبب حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.
مودي سرڪار تي تنقيد ڪندڙ بي باڪ اداڪاره جي ٽوئيٽس کي مختلف جاين تان هٽايو ويو آهي جڏهن ته اڪائونٽ معطل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔