هفتي اندر ڪورونا تي ڪنٽرول نه ٿيو ته لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو: فواد چوڌري

ڪراچي: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هڪ هفتي اندر ڪورونا تي ڪنٽرول نه ٿيو ته لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر ڪورونا ڪنٽرول نه ٿيو ته لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌيا ته سڄي ملڪ ۾ اثر پوندو، گورنر هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت عوام سان ڪيل واعدا نه پاڙيا، 16 ارب رُپين جي ڪرپشن بابت سوال ڪرڻ تي پرچا ڪاٽيا وڃن ٿا، صحت جو نظام بهتر نه هجي ها ته اسان وٽ به ڀارت جهڙيون حالتون پيدا ٿين ها، هن چيو آهي ته ڀارت ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارتي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، دعا آهي ته ڀارتي عوام کي هن تڪليف مان نجات ملي، فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ آڪسيجن 90 سيڪڙو استعمال هيٺ آهي، آڪسيجن گهرائي به وٺون تڏهن به سسٽم ۾ گهڻو سپلاءِ نٿي سگهندي، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز گهٽ هجڻ جي ڪري سپلاءِ لائن بحال آهي، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪي پي ۾ پريشاني واري صورتحال آهي جتي شرح 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، فواد چوڌري مريم نواز طرفان دورو ملتوي ڪرڻ واري فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته الڪيشن ڪميشن کي به ڪورونا جي صورتحال ۾ اليڪشن ايس او پي ٺاهڻ گهرجي، ڀارت ۾ ڪورونا پکيڙ جو وڏو سبب مودي جي اليڪشن مهم آهي، هن چيو آهي ته سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ آڻڻ چاهيون ٿا، بدقسمتي سان سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ ۾ پنهنجو حصو نه وڌو، صحافين کي خصوصي پيڪيج تحت صحت ڪارڊ ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورن صحافين کي وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم ۾ شامل ڪنداسين، پابندي مڙهيل ٽي ايل پي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته رياست ڪالعدم تنظيم واري مامري تي پنهنجي رٽ تي ٺاهه نه ڪيو، اپوزيشن هن مامري تي سياست نه ڪري گهڻي تلخي پاڪستان لاءِ سٺي نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔