پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري : پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
هراري ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم محمد رضوان جي ناٽ آئوٽ 82 رنسن جي مدد سان 149 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان دانش عزيز 15 ۽ فخر زمان 13 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻيو ڪو رانديگر ڊبل فگر ۾ ئي نه پهچي سگهيو.
بابر اعظم 2، محمد حفيظ 5، محمد نواز 9، جڏهن ته فهيم اشرف هڪ رنس جو مهمان ثابت ٿيو.
گرين شرٽس مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي زمبابوي کي ڪاميابي لاءِ 150 رنسن جو هدف ڏنو.
جواب ۾ ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان عثمان قادر 3، محمد حسنين 2، جڏهن ته حارث رئوف ۽ محمد حفيظ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
قومي ٽيم ميچ ۾ 11 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔