ايپل پاران تيار ڪيل ڊيوائس سان هاڻ اوهان پنهنجون گم ٿيل شيون آساني سان ڳولي سگهندو

لنڊن: ايپل ايئر ٽيگز نالي هڪ اهڙي ڊيوائس تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي گم ٿيل شيءَ کي ڳولي سگهندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايپل ايئر ٽيگز جو افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اوهان پنهنجي ڪابه گم ٿيل شيءَ(فائنڊ مائي) ايپ جي مدد سان ڳولي سگهندو. ان ايئر ٽيگز کي اوهان پنهنجي چاٻين، پرس ۽ ٻين شين سان جوڙيندو ان کان پوءِ جيئن ئي اوهان پنهنجي شين کان پري ٿيندو ته اوهان کي ايپ جي ذريعي نوٽيفڪيشن اچي ويندو.هي هڪ ننڍي ڊيوائس آهي جيڪا اوهان جي آءِ فون يا آءِ پيڊ سان جڙيل رهندي هي ڊيوائس انسانن جي ڳولا جي لاءِ ڪارآمد نه آهي ۽ نه ئي ان سان ڪنهن جي پرائيويسي متاثر ٿيندي پر هي ڊيوائس بي جان شين جي ڳولا لاءِ آهي.هن هڪ ڊيوائس جي قيمت 29 ڊالر رکي وئي آهي پر چئن ڊيوانس جي قيمت 99 ڊالر آهي. هن ڊوائس جي ايڊوانس بڪنگ جمعي کان شروع ٿي ويندي ۽ 30 اپريل کان هن ڊيوائس جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔