ترڪي ۾ ٿيندڙ افغان امن ڪانفرنس مئي تائين ملتوي

استنبول:ترڪي ۾ ٿيندڙ امن ڪانفرنس کي مئي جي وچ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي جي پرڏيهي وزير ميلود چاوشڊ چيو آهي ته استنبول ۾ ٿيندڙ امن ڪانفرنس کي ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪا رمضان جي مقدس مهيني کانپوءِ سڏائي ويندي.
هن چيو ته طالبان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ڇو ته طالبان کانسواءِ ڪانفرنس جو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو.
ترڪي جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ طالبان جي شرڪت تي يقين نه هجڻ ڪري ملتوي ڪئي وئي آهي.
ان کان پهريان افغان حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار جو چوڻ آهي ته افغان امن ڪانفرنس پنهنجي مقرر تاريخ تي نه پئي ٿئي ڇو ته ان ۾ طالبان شرڪت نه پيا ڪن.
هي ڪانفرنس 24 اپريل تي واشنگٽن جي عملن جي روشني ۾ طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ هڪ معاهدي کي تيزي سان مڃڻ لاءِ طئي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔