روس چيڪ جمهوريا جي ويهه سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پراگ: روس به چيڪ جمهوريا جي ويهه سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
چيڪ جمهوريا طرفان روسي سفارڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي حڪم بعد روس به جوابي ڪارروائي ڪندي چيڪ جمهوريا جي 20 سفارت ڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن روسي پرڏيهي وزارت چيڪ جمهوريا جي سفير کي طلب ڪري سفارتڪارن کي ملڪ کڏڻ جو حڪم ڏنو.
روس چيڪ جمهوريا جي فيصلي ۾ آمريڪا کي ملوث قرار ڏيندي چيو ته چيڪ جمهوريا جو روسي سفارتڪارن کي ڪڍڻ وارو قدم آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ان ڪم ۾ چيڪ عملدارن پنهنجي آقا کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن جمهوريا چيڪ 2014 جي ڌماڪن ۾ ملوٽ هجڻ جي الزام ۾ 18 روسي سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔