ڪراچي: سمنڊ ۾ ڦاٿل 12 ملاحن جون حياتيون بچايون ويون

ڪراچي: پاڪستان ميري ٽائيم ايجنسي سمنڊ ۾ ڦاٿل 12 ملاحن جون حياتيون بچائي ورتيون، ان سلسلي ۾ ميري ٽائيم جو چوڻ آهي ته ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي جي گشت ڪندڙ جهاز ايمرجنسي ڪال اٽين ڪئي، ڪراچي مان مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويل 12 ملاح مشينري خراب ٿيڻ ڪري سمنڊ ۾ ڦاسي پيا هئا، ملاحن کي ريسڪيو ڪري ڪناري تي پهچايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔