رت ڄمڻ جا واقعا: ڊينمارڪ اسٽرازينيڪا ويڪسين جي استعمال کان روڪي ڇڏيو

ڊينمارڪ: اهم يورپي ملڪ ڊينمارڪ برطانوي ڪورونا ويڪسين ايسٽرازينيڪا جي استعمال کي عارضي طور تي روڪي ڇڏيو آهي.برطانوي خابرو اداري موجب ڊينمارڪ ايسٽرازينيڪا ڪورونا وڪسين جي ڪيترن ئي ماڻهن ۾ رت ڄمڻ)بلڊ ڪلائنگ) جي واقعن کان پوءِ ان جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. رت ڄمڻ جي واقعن کان پوءِ ڊينمارڪ آڪسفورڊ اسٽرازينيڪا ڪورونا ويڪسين جي استعمال کي روڪيندڙ پهريون يورپي ملڪ بڻجي ويو آهي.ڊينمارڪ طرفان ان قدم کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جا ٽڪا لڳائڻ جو پروگرام ڪيترن ئي هفتن تائين غير معمولي دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ڊينمارڪ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسٽرازينيڪا ويڪسين جون سموريون 2.4 ملين خوراڪن کي ايندڙ نوٽيس تائين مارڪيٽ مان واپس ورتو ويندو. ان حوالي سان ڊينمارڪ جي هيلٿ اٿارٽي چيو آهي ته مطالعي دوران اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته اسٽرازينيڪا ويڪسين لڳائيندڙ ماڻهن ۾ رت جي ڄمڻ جا واقعا اميد کان وڌيڪ آهن ۽ هينئر تائين 40.000 ماڻهو ان مان متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔