رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي پهريون روزو

ڪراچي: رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي 14 اپريل تي پهريون روزو هوندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف علائقن کان چنڊ ڏسڻ بابت آيل شاهدين جو جائزو ورتو ويو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، بدين، مالاڪنڊ سميت ڪيترن ئي علائقن مان چنڊ ڏسڻ جون شاهديون مليون. ان ڪري اتفاق راءِ سان اهو اعلان ڪيون ٿا ته سڀاڻي رمضان المبارڪ جو پهريون روزو هوندو. هن چيو ته اڄ اهڙو فيصلو ٿيو آهي جنهن سان پوري ملڪ ۾ قوم هڪڙي ئي ڏينهن روزو رکندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔