ڪي پي ۾ سڀاڻي کان برساتن جي نئين سلسلي جا امڪان

اسلام آباد: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته بارشن ۽ تيز هوائن جو هڪ نئون سلسلو سڀاڻي کان خيبرپختونخواه ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برسات آچر تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميه کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽پي ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو تيز هوائن ، برساتن ۽ طوفان جي پيش نظر احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. مسافرن کي سفر ڪرڻ ۾ احتياط لاءِ پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔