سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2019ع ۾ ورتل زباني امتحان جا نتيجا پڌرا

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گڏيل چٽا ڀيٽي جي 2019ع ۾ ورتل زباني امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اهي امتحان 17 ڊسمبر 2020ع کان 6 مارچ 2021ع تائين ورتا ويا. ايگزيڪٽو جي مجموعي طور 152 ڪامياب اميدوارن جي مقرري لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس گريڊ 17هين ۾ 36، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ (جيل) گريڊ 17هين جي 10، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انڪوائيز اينڊ اينٽي ڪرپشن جي 8، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر گريڊ 17هين جي 6، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نارڪوٽيڪس ڪنٽرول گريڊ 17هين جي 4، اسسٽنٽ رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز گريڊ 17هين جي 11، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ گريڊ 17هين جي 39، مختيارڪار گريڊ 16هين جي 33، پراوينشل مئنيجمينٽ سروس گريڊ 17هين جي 5 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔