سعودي ۾ اڄ پهريون روزو: پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو جو چنڊ نظر اچي ويو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ان ڪري اڄ اتي پهريون روزو اهي جڏهن ته سعودي بادشاهه شاهه سلمان مسجدالحرام ۾ تراويح نماز جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخير آزاد جي صدارت هيٺ اڄ پشاور ۾ ٿيندو جڏهن ته زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس اسلام آباد، لاهور، ڪوئٽه۽ ڪراچي ۾ ٿيندا.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ رويت هلال ريسرچ ڪائونسل جي اڳڪٿين موجب اڄ چنڊ ڏسي سگهبو. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ اربع جي هڪ ئي ڏينهن پهريون روزو ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔