پکي ۽ بلوٽوٿ سان ليس ڊجيٽل فيس ماسڪ متعارف

ڊسمبر 2019ع ۾ چين کان شروع ٿيل ڪورونا وائرس جي وبا سبب سڄي دنيا ۾ جتي وينٽيليٽرز جي کوٽ پيدا ٿي، اتي ئي وري معمولي فيس ماسڪ به ناياب ٿي ويا هئا.
ان کان پوءِ 2020ع جي شروعات ۾ ڪار، جهاز ۽ ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ ڪمپنيون به وينٽيليٽر ۽ فيس ماسڪ بڻائڻ ۾ مصروف ٿي ويون هيون.
ڪورونا جي وبا کان پوءِ جتي فيس ماسڪ جي اهميت وڌي، اتي ئي دنيا جون مشهور ڪمپنين ۽ برانڊز به خوبصورت، سمارٽ ۽ مهانگا فيس ماسڪ متعارف ڪرايا.
جيتوڻيڪ اڳ ئي ايل جي سميت ٻين ٽيڪنالوجي ڪمپنين سمارٽ فيس ماسڪ متعارف ڪرايا هئا، جن ۾ نه رڳو ايل اي ڊي لائيٽس هيون پر اهي چارج تي به هلندا هئا.
۽ هاڻ آمريڪي ڪمپني هني ويل ۽ هالي ووڊ سائنس فڪشن ڪردارن اسپائيڊرمين ۽ بيٽ مين جو لباس تيار ڪندڙ ڊزئينر جوز فرنانڊز سان گڏجي هڪ انوکو ماسڪ متعارف ڪرايو آهي.
ان ماسڪ کي سپر ماسڪ جو نالو ڏنو ويو آهي ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ 3 پکا ۽ اهڙا ڊجيٽل فلٽر .لڳل آهن جيڪي هوا صاف بڻائڻ مددگار بڻائين ٿا.
سپر ماسڪ ۾ جتي پکا لڳل آهن اتي ان ۾ بلوٽوٿ، هيڊ فون ۽ مائيڪرو فون جي سهولت به آهي ۽ فيس ماسڪ جا ڄاڻايل سمورا فيچرز بيٽري جي مدد سان ڪم ڪن ٿا.
سپر ماسڪ جي بيٽري 7 ڪلاڪن تائين ڪم ڪري ٿي ۽ ان ۾ هوا کي صاف بڻائيندڙ فلٽرز کي 30 ڏينهن کان پوءِ تبديل به ڪري سگھجي ٿو.
سپر ماسڪ جي رقم 300 آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني 50 هزار رپين جي ويجهو رکي وئي آهي ۽ ان کي شروعاتي طور تي آن لائين وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
سپر ماسڪ کي پيش ڪرڻ تي آمريڪا ۾ رعايتي سيل به متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ ان کي ڪمپني جي ويب سائيٽ تان خريد ڪرڻ تي 80 ڊالر رعايت حاصل ڪري سگھجي ٿي.
سپر ماسڪ کي پيش ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي سوشل ميڊيا تي ان بابت بحث ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان تي مزاحيه تبصرا به ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔