ڏکڻ آفريقا جو ڪپتان ٽي ٽوئنٽي سيريز مان آئوٽ ٿي ويو

ڏکڻ آفريقا جو ڪپتان ٽيمبا باووما زخمي ٿيڻ ڪري پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز مان آئوٽ ٿي ويو آهي.
آفريقي ٽيم پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز جو پهريون ميچ کيڏندي، ٽيمبا باووما جي جاءِ تي بينرڪ ڪلاسان ميزبان ٽيم جي قيادت ڪندو،ٽيمبا کي هيمسٽرنگ انجري سبب هٿ ڌوئڻو پيو آهي.
ان کان پهريان ڏکڻ آفريقا جو بيٽسمين روسي وان ڊرڊسن ٽي 20 سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، ڊسن ٽئين ون ڊي کان پهريان اسٽرين جو شڪار ٿيو هو.
ميزبان ٽيم جا رانديگر ڊيوڊ ملر، نوڪيا، ڊي ڪاڪ، رباڊا ۽ نگيڊي انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) کيڏڻ لاءِ پهريان ئي ڀارت روانو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔